جانسم موهني

جانسم موهني (راڳڻي ):هيءَ ڪلياڻ ٺاٺ جي راڳڻي آهي. گرنٿن ۾ هن کي شو ڀاڪلياڻ جي نالي سان به سڏيو ويو آهي. هيءَ مڌم تار تي ڳائبي آهي. هيءَ ڪلاونتي راڳڻي سان ملندڙ آهي. هن راڳڻيءَ جو وادي سُر کرج ۽ سموادي سُر پنچم آهي. آروهي: سا ري گا پا ڌا ن سا، ۽ امروهي: سا نِي ڌا پا گا پا گا ري سا نِي ڌا سا اٿس.



هن صفحي کي شيئر ڪريو